وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته نوازشريف کي نااهل قرار ڏيڻ سبب ملڪ کي اربين ڊالرز جو نقصان ٿيو آهي

Ahsan-Iqbal-111217

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته نوازشريف کي نااهل قرار ڏيڻ سبب ملڪ کي اربين ڊالرز جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن نواز ليگ جي حڪومت آئي ته لوڊشيدنگ ۽ دهشتگردي هئي، جنهن تي ضابطو آندو ويو آهي،  ڊاڪٽر طاهر القادري ڌرڻو هڻڻ بعد ڪينيڊا هليو ويندو، ڀارتي آرمي چيف جي بيان مان ثابت ٿيو ته ڀارت هڪ غير ذميوار ملڪ آهي،

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ڀارتي آرمي چيف ۽ ٽرمپ جو بيان پاڪستان کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي سازش آهي.

هن چيو ته ڀارتي آرمي چيف بـِپـَن راوت جي بيان مان ثابت ته ڀارت هڪ ۽غير ذميوار ملڪ آهي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته ڀارتي آرمي چيف جي بيان سان ڀارت جي ايٽمي اثاثن تي وڌيڪ شڪ پيدا ٿي ويا آهن.

هن چيو ته دنيا ۾ ايٽمي صلاحيتون رکندڙ طاقتون ذميداري جو مظاهرو ڪنديون آهن پر ڀارتي آرمي چيف جو بيان غير ذميواراڻو آهي.

گهرو وزير چيو ته اسان کي دنيا کي ٻڌائڻو آهي ته پاڪستان ۾ پختي جمهوريت آهي.

احسن اقبال چيو زينب قتل ڪيس بابت سموريون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، واقعي تي ڪيترائي سياستدان سياست ڪري رهيا آهن.

هن چيو اوهان ڌرڻن، احتجاجن سان پنهنجو ايجنڊا ته حاصل ڪري وٺندا پر نوجوانن جو مستقبل اونداهو ٿي ويندو.

گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن سينيٽ جون چونڊون روڪرايون ويون ته وفاق لاءِ بهتر نه ٿيندو.

احسن اقبال چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ڪنهن کي به جمهوري عمل سان کيڏڻ نه ڏنو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*