بلوچستان جي نئين وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي جي ڪابينا ۾ شامل وزيرن ۽ صلاحڪار کي قلمدان ڏنا ويا آهن

balochistan cm taking oath

بلوچستان  جي نئين وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي جي ڪابينا ۾ شامل وزيرن ۽ صلاحڪار کي قلمدان ڏنا ويا آهن، سرفراز بگٽي به ٻيهر گهرو وزير بڻجي  ويو آهي.

بلوچستان اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ عبدالقدوس بزنجي بلوچستان  جي نئين وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو آهي، سندس ڪابينا ۾ 14 وزير ۽ 5 صلاحڪار شامل آهن.

اڳوڻي گهرو وزير سرفراز بگٽي کي ساڳيو گهرو وزير جو قلمدان ڏنو ويو آهي، جڏهن ته طاهر محمود کي تعليم ۽ سرفرار ڊومڪي کي فشريز جي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي.

نواز جنگيز مري کي آبپاشي جو وزير بڻايو ويو، جڏهن ته پرنس احمد علي کي سائنس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو قلمدان ڏنو ويو.

شيخ جعفر مندوخيل کي زراعت، ماجد ابڙي کي صحت واري وزارت، راحت جمالي کي ليبر اينڊ مين پاور، عامر رند کي ايس اينڊ جي اي ڊي، غلام دستگير باديني کي لوڪل گورنمينٽ جي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو.

عاصم ڪرد کي گيلو سي اينڊ ڊبليو، سيد رضا کي قانون واري وزارت ۽ منظور ڪاڪڙ کي رونيو جو قلمدان ڏنو ويو.

قومي اسيمبلي ميمبر جي ڊاڪٽر رقيه کي فنانس جو صلاحڪار، امان الله نوتيزئي کي پي ايڇ اي بابت صلاحڪار ۽ انوار الحق ڪاڪڙ کي انفارميشن بابت صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*