سپريم ڪورٽ، ڪراچي ۾ غريبن بدران سرندي وارن ماڻهن کي پاڻيءَ جا مفت ٽينڪرز فراهم ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي

supreme-court-karachi-31-7 (1)

سپريم ڪورٽ، ڪراچي ۾ غريبن بدران سرندي وارن ماڻهن کي پاڻيءَ جا مفت ٽينڪرز فراهم ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، عدالت، صوبائي سرڪار کان 6 مهينن دوران پاڻي جي مڪمل ٿيندڙ منصوبن جا 15 ڏينهن اندر تفصيل پڻ گهري ورتا آهن.

ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ سمنڊ ۾ گدلي پاڻي ۽ صاف پاڻي فراهمي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس، ايم ڊي واٽر بورڊ کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته سيوريج جو پاڻي ٽريٽ ڪري ڪڏهن ڇوڙ ڪيو ويندو جنهن سان گدلي پاڻي وارو مسئلو حل ٿي.

ميان ثاقب نثار وڌيڪ سوال ڪيو ته پاڻي جي کوٽ ٽينڪرز ذريعي ئي ڇو پوري ٿيندي آهي؟ ٻڌايو ته باٿ آئي لينڊ ڪٿي آهي، ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيدي جواب ڏنو ته اتي پاڻي جون لائنون نه آهن.

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ٽينڪرز ذريعي پاڻي فراهم ڪرڻ جو مطلب آهي ته پاڻي آهي پر نظام نه آهي.

اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر فهيم الزامن عدالت ۾ چيو ته شهر ۾ هن وقت ڏيڍ سئو کان وڌيڪ هائيڊرينٽس هلي رهيا آهن، جنهن تي ميان ثاقب نثار چيو ته واٽر ٽينڪرز ذريعي پاڻي جي فراهمي بند ٿيڻ گهرجي.

چيف جسٽس چيو ته بنيادي سوال آهي ته مسئلا ڪڏهن پورا ٿيندا، اسان کي رپورٽن ۾ نه منجهايو، سڌري ريت ٻڌايو ته منصوبن تي عمل ڪڏهن ٿيندو؟

عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته ڪراچي ۾ سرندي وارن ماڻهن کي پاڻيءَ جا مفت ٽينڪرز فراهم ڪيا وڃن ٿا، جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت حڪم جاري ڪيو ته صوبائي سرڪار 6 مهينن دوران پاڻي جي مڪمل ٿيندڙ منصوبن جا 15 ڏينهن اندر تفصيل پيش ڪري.

ڪراچي جو ميئر وسيم اختر عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن کي مخاطب ٿيندي چيف جسٽس چيو ته اوهان جي هن شهر ۾ حڪومت وڏو عرصو رهي آهي، ذميواري کان بري نٿا ٿي سگهو، شهر جا مسئلا حل ڪرڻ اوهان جي ذميواري آهي.

چيف جسٽس چيو ته ماضي مان سبق سکو، اسان ٻي هفتي ٻيهر اينداسين اوهان مسئلن جو حل اسان جي آڏو رکو، اسان کي تجويز ڏيو يا واٽر ڪميشن کي، ڇا ڪاڻ ته هي مسئلو حل ٿيڻو آهي.

ميان ثاقب نثار چيو ته کيس يقين آهي ته ٽن مهينن ۾ ڪجهه اڳڀرائي ضرور ڪري وٺندا، اوهان کي ڪميشن سان ٽيم جي حيثيت سان ڪم ڪرڻو پوندو، گڏيل طور تي ئي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

چيف جسٽس چيو ته سياست کان مٿانهون ٿي ڪم ڪريو، جنهن تي وسيم اختر چيو ته هو واعدو ٿو ڪري ته مڪمل سهڪار ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*