وفاقي حڪومت پاران سردار عبدالمجيد دستي جي آءِ جي سنڌ طور مقرري بابت نوٽيفڪيشن جاري

abdul majeed dasti ig

وفاقي حڪومت پاران سردار عبدالمجيد دستي جي آءِ جي سنڌ طور مقرري بابت نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ تي پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه کي وفاقي حڪومت کي وڌيڪ درخواست ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

آصف علي زرداري پاران ڪافي ڏينهن کان آءِ جي سنڌ جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ تي وڏي وزير مراد علي شاهه کي خاص هدايتون ڏنيون آهن.

وفاقي ڪابينا ڪجهه ڏينهن اڳ سردار عبدالمجيد دستي کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي پر اڃاتائين مقرري وارو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب وفاقي حڪومت آصف علي زرداري کي راضي ڪرڻ لاءِ ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران سردار عبدالمجيد دستي جي آءِ جي سنڌ مقرري وارو نوٽيفڪيشن جاري سگهي ٿي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت آءِ جي سنڌ جي مقرري وارو نوٽيفڪشن جاري ڪري ٿي ته پوءِ پ پ طاهرالقادري جي ڌرڻي ۾ نالي ماتر شرڪت ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*