مدئجي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران قصور ۾ ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل ڪيل معصوم جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو

madeji qasoor hadso

مدئجي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران قصور ۾ ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل ڪيل معصوم جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

آڪسفورڊ پبلڪ اسڪول ۽ گيليڪسي گرامر اسڪول ۾ شاگردياڻين شاگردن ۽ ٽيچرز  شازيه اعجاز، صنم مور، آئشه، علينه، راشد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته جنهن ملڪ ۾ نياڻين جي عزت ۽ زندگي محفوظ نه هجي، اتي جي حڪمرانن کي حڪمراني ڪرڻ جو ڪو به حق نٿو پهچي.

هنن چيو ته قصور واقعي جا اثر فقط قصور تائين محدود نه رهيا آهن ۽ اهي اثر پوري ملڪ کان وڌي پوري دنيا ۾ ڦهلجي ويا آهن.

هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي معصوم زينب جا قاتل گرفتار ڪري ڦاهي تي چاڙهيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*