نيب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن صفدر خلاف لنڊن فليٽس ريفرنس بابت داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي

Nab-12-4-16

نيب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ  مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن صفدر خلاف لنڊن فليٽس ريفرنس بابت داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي.

اسلام آباد هائيڪورٽ ڊويزن بينچ ۾ جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ نيب طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته لنڊن فليٽس ڪيس ۾ ضمني ريفرنس داخل ڪيو ويو، ان لاءِ فرد جرم ۾ تبدلي جي حوالي سان پنهنجي درخواست واپس وٺون ٿا.

اسلام آباد هائيڪورٽ درخواست واپس وٺڻ جي استدعا منظور ڪندي درخواست کي خارج ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته احتساب عدالت مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف فرد جرم ۾ ترميم جي درخواست منظور ڪندي جعلي دستاويزن جا قلم ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن کانپوءِ ڪيبلري فونٽ جي جعلي دستاويزن بابت سيڪشن 3 اي کي فرد جرم مان ڪڍيو ويو هو.

نيب سيڪشن 3 اي کي ختم ڪرڻ واري احتساب عدالت جي حڪم کي چيلينج ڪيو هو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته سيڪشن 3 اي کي ختم ڪرڻ جو غير قانون حڪم ڏنو ويو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*