وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي شهر ۾ هلندڙ سڀئي ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪيا وڃن

cm

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي شهر ۾ هلندڙ سڀئي ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪيا وڃن، جيئن شهرين کي سهولتون ملي سگهن.

 وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي پئڪيجز بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ وڏي وزير کي سبميرين انڊر پاس، اسٽيڊيم روڊ، ٽيپو سلطان روڊ سميت ٻين منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سب ميرين جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ته پوءِ ايندڙ سومر تي هڪ پاسو کوليو وڃي.

هن چيو ته شهر ۾ هلندڙ سڀني روڊن ۽ فلاءِ اوورن جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي، جيئن عوام کي سهولتون ملي سگهن.

صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ 8 هزار روڊ رستن جي مرمت لاءِ سمري وڏي وزير کي موڪلي وئي آهي.

هن چيو ته ڪينٽ اسٽيشن ۽ گارڊن واري روڊ جو ڪم جاري آهي، جلد انهن روڊن جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*