تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته بدقسمتي سنا ملم تعليم جي شعبي سان ڌيان نه پيو وڏنو وڃي

imran khan krik

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته بدقسمتي سنا ملم تعليم جي شعبي سان ڌيان نه پيو وڏنو وڃي، تعليم بنا ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، ملڪ جو ناڻو لٽيندڙن کان پيسو واپس وٺي تعليم تي خرچ ڪيو ويندو.

خوشحال خان خٽڪ يونيورسٽي ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي چيو عمران خان چيو ته هن سال اقتدار ۾  ايندي ۽ وڏن وڏن ڌاڙيلن جو احتساب ڪندي. حڪمرانن مني لانڊرنگ ڪري ملڪ جو پيسو ٻاهر موڪليو.

هن چيو ته ترقي ۽ زوال انسان جي هٿ ۾ هوندو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ 100 نوان گرائونڊ ٺاهيا ويندا، ڪامياب انسان ڪو به وڏو ڪم ڪرڻ کان اڳ ان جو خواب ڏسندو.

هن چيو ته مون پنهنجي سئوٽ کي ڏسي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو خواب ڏٺو، جيڪو آخري بال تائين وڙهڻ جو فيصلو ڪري ٿو ۽ اڳتي وڌي ٿو.

عمران خان چيو ته هو ڪامياب انسان ان کي نه سمجهندو آهي، جيڪو سوچيندو آهي ته شڪست ملي ته پوءِ ڇا ٿيندو، ڪامياب ٿي ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو.

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته ناڪامي کان اهو ڊڄندو آهي، جنهن کي ڪڏهن ڪاميابي نه ملي هجي، مون کي جڏهن ڪرڪيٽ مان ڪڍيو ويو ته مون ائين نه پڇيو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*