لاهور هائيڪورٽ ۾ قصور سانحي جي پاڻمرادي ڪيس ٻڌڻي دوران پوليس رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

Lahore-High-Court-81116

لاهور هائيڪورٽ ۾ قصور سانحي جي پاڻمرادي ڪيس ٻڌڻي دوران پوليس رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، چيف جسٽس، جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته زينب قتل ڪيس ۾ پنجاب حڪومت ۽ پوليس سجيدگي جو مظاهرو نه ڪري رهي آهي.

لاهور هائيڪورٽ ۾ چيف جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ قصور سانحي بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران طلبي باوجود آءِ جي پنجاب عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن جو چيف جسٽس سختي سان نوٽيس ورتو.

چيف جسٽس لاهور هائيڪورٽ ريمارڪدس ڏيندي چيو ته طلب ڪرڻ باوجود آءِ جي پنجاب پيش نه ٿيو، جنهن مان لڳي ٿو ته پنجاب حڪومت ۽ پوليس ڪيس ۾ سجيده نه آهي.

ٻڌڻي دوران پنجاب پوليس جو ايڊيشنل آءِ جي ۽ زينب قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي سربراهه ابوبڪر  خدا بخش عدالت ۾ پيش ٿيا.

ايڊيشنل آءِ جي عدالت کي ٻڌايو ته زينب قتل ڪيس جي جاچ دوران 67 ماڻهن جا ڊي اين اي ورتا ويا آهن

ڊي جي فارنزڪ پنجاب عدالت کي آگاهه ڪيو ته سڄي معلومات مان لڳي ٿو ته هن ڪيس ۾ سيريل ڪلر ملوث آهي، ڇاڪاڻ ته ان کان به هڪ ٻارڙي ڪائنات کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن جو هن وقت چلڊرن اسپتال ۾ علاج ٿي رهيو آهي.

چيف جسٽس حڪم ڏنو ته ٻارڙي ڪائنات جي طبي امداد جي حوالي سان سمورا قدم کنيا وڃن.

چيف جسٽس لاهور هائيڪورٽ حڪم ڏنو ته آءِ جي پنجاب ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿي ۽ زينت واقعي بابت تفصيل ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪيل ڪوششن جي سموري معلومات پيش ڪري.

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ٻارڙن سان ٿيندڙ وارداتن بابت خاص عدالت قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا اهڙن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي.

چيف جسٽس سڄي صوبي جي ماتحت عدالنت کي به حڪم ڏنو ته ٻارڙن بابت ڏوهن جي ڪيسن جي روزاني  جي بنياد تي ٻڌڻي ڪن ۽ ان تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.

عدالت آءِ جي پنجاب کي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 17 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*