بالي ووڊ اسٽار سونم ڪپور شادي جي سوال تي رنبير ڪپور ۽ رنوير سنگهه جي شادي بابت سوال ڪري ڇڏيو

sonam kapoor

بالي ووڊ اسٽار سونم ڪپور شادي جي سوال تي رنبير ڪپور ۽ رنوير سنگهه جي شادي بابت سوال ڪري ڇڏيو، اداڪارا چيو ته صرف اداڪارائن کان ئي نجي زندگي جي باري ۾ سوال ڪيو وڃي ٿو، ڪوئي رنبير ڪپور ۽ رنوير سنگهه کان سندن شادي بابت سوال ڇو نه ٿو ڪري.

ميڊيا موجب سندس بزنس مين دوست سان سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيندڙ تصويرن بابت معلوم ڪرڻ تي سونم ڪپور چيو ته هي سندس نجي زندگي جو معاملو آهي، ڪنهن کي حق نه ٿو پهچي ته منهنجي زندگي ۾ مداخلت ڪري.

 هن چيو ته اوهان صرف منهنجي باري ۾ ڳالهائي سگهو ٿا ۽ هو پنهنجي باري ۾ سوالن جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

 هن چيو ته جيڪڏهن مون سان گڏ ڪنهن ٻئي جي باري ۾ ڳالهه ڪئي ويندي ته ان جي عزت جو خيال ڪندي ان شخص جي باري ۾ ڳالهه ٻول نه ڪنديس.

ڪجهه ڏينهن اڳ سونم ڪپور ۽ سندس بزنس مين دوست آنند آهوجا جي شادي جون خبرون ميڊيا ۾ گردش ڪري رهيون هيون ۽ سندن گڏيل تصويرون به سوشل ميڊيا تي شيئر ٿي رهيون آهن…  

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*