صوبائي وزير نثار احمد کهوڙو پاران ٿر ۾ امن امان جي صورتحال تي التوا واري رٿ جي مخالفت ڪرڻ کانپوءِ رٿ کي ضابطن خلاف قرار ڏئي رد ڪيو ويو

sindh assembly

صوبائي وزير نثار احمد کهوڙو پاران ٿر ۾ امن امان جي صورتحال تي التوا واري رٿ جي مخالفت ڪرڻ کانپوءِ رٿ کي ضابطن خلاف قرار ڏئي رد ڪيو ويو، ايڪسائيز کاتي پاران آگاهي ڏني آهي ته جعلي شراب جون 12 هزار بوتلون، 13 هزار 3 سئو ليٽر ڪچو شراب ۽ 2 سئو 89 ڪپيون هٿ ڪيون آهن.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو.

ڪچي شراب واري معاملي تي سوالن جوابن دوران نصرت سحر عباسي چيو ته گهرن ۾ ڪچو شراب تيار ڪيو پيو وڃي ۽ شراب جي وڪري ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

امير حيدر شاهه چيو ته سندس تڪ ۾ شراب پاڻي جيان تيار ڪيو ويندو آهي.

جواب ۾ ايڪسائيز واري وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته 2 سئو ڪپيون ۽ 12 هزار جعلي شراب جون بوتلون ۽ 13 هزار 3 سئو ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪيو آهي.

آغا سراج دراني چيو ته ايڪسائيز کاتو جتي وڃي اتي گهرن ۾ مٽڪا ڀڃي ڇڏي، جنهن سان خبر پوندي ته شراب آهي يا نه.

ڪامران اختر سوال ڪيو ته ڪچي شراب ۽ پڪي شراب ۾ ڪهڙو فرق آهي؟، جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني جواب ڏنو ته سيف الدين خالد ٻڌائي سگهي ٿو، هو هو ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

آغا سراج دراني ايڪسائيز واري وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته مڪيش صاحب ٻڌائيندا ته شراب ڪيئن تيار ٿيندو آهي؟

مڪيش ڪمار چاولا جواب ڏنو ته جيڪو گهرن ۾ تيار ۽ وڪرو ٿي اهو ڪچو شراب ۽ رجسٽرڊ دڪانن تي وڪرو ٿيندڙ پڪو شراب هوندو آهي.

اجلاس دوران دلچسپ جملا به ٻڌڻ ۾ آيا، رعنا انصار سوال ڪيو ته گاڏين کي 420 نمبر جاري ڇو نه ڪيو ويندو آهي؟ وزير مڪيشن ڪمار جواب ڏنو ته ماڻهو گاڏين لاءِ صورت خطي نمبر تي اعتراض ڪندا آهن.

نند ڪمار چيو ته ٿر ۾ چندر مهيش ۽ دليپ کي ڌاڙيلن ڏينهن ڏٺي قتل ڪيو، جنهن خلاف التوا واري رٿ منظور ڪئي وڃي، جنهن جي نثار کهڙو مخالفت ڪئي.

صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو ته هو ٿر ۾ قتل معاملي کي پاڻ ڏسي رهيو آهي، قاتلن خلاف ڪارروائي ٿيندي، جنهن بعد اسپيڪر رٿ کي ضابطن خلاف قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.

اجلاس ۾ گاڏين جي فينسي نمبر پليٽن تي به سوال جواب ڪيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*