نواز ليگ اڳواڻ حنيب عباسي عمران خان نااهلي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي

haneef abbasi

نواز ليگ اڳواڻ حنيب عباسي عمران خان نااهلي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي، حنيف عباسي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عمران خان عدالت جي آڏو ڪوڙ ڳالهايو، جنهن سبب آرٽيڪل 62 ون ايف تي پورو نٿو لهي، صادق ۽ امين وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.

سپريم ڪورٽ 15 ڊسمبر تي عمران خان ۽ جهانگير ترين خلاف داخل ناهلي واري درخواست جو فيصلو ٻڌايو هو، جنهن ۾ عدالت جي لارجر بينچ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏنو هو، جڏهن ته جهانگير ترين کي انسائيڊ ٽريڊنگ تي تاحيات نااهل قرار ڏنو هو.

ڪيس جي درخواستگذار نواز ليگ اڳواڻ حنيف عباسي عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏيڻ جي سپريم ڪورٽ واري فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرائي.

حنيف عباسي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عمران خان عدالت آڏو ڪوڙ ڳالهايو، هو آرٽيڪل 62 ون ايف تي پور نٿو لهي، جنهن صادق ۽ امين  قرار ڏيڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*