صدر ممنون حسين چيو آهي ته آپگهاتي حملن خلاف عالمن جي فتويٰ اسلامي تعليم موجب آهي

mamnon husain

صدر ممنون حسين چيو آهي ته آپگهاتي حملن خلاف عالمن جي فتويٰ اسلامي تعليم موجب آهي، جنهن تي عمل ڪرائڻ سان انتهاپسندي جي فتني تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو وڏو نقصان ٿيو آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏيندڙ خراج تحسين جا مستحق آهن.

پاڪستان جي سمورن فرقن سان تعلق رکندڙ 1829 عالمن سڳورن جي آپگهاتي حملن بابت ڏنل فتويٰ جي حوالي سان تقريب ايوان صدر ۾ ڪوٺائي وئي،

تقريب ۾ صدر ممنون حسين، وفاقي گهرو وزير احسن اقبال، سياسي شخصيتن سميت عالمن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته اسلام ۾ شدت پسندي، رتوڇاڻ ۽ آپگهاتي حملا فساد جي زمري ۾ اچن ٿا، جيڪي ناجائز ۽ حرام آهن.

صدر ممنون حسين چيو ته منهنجي نظر ۾ عالمن جي فتويٰ اسلامي تعليم موجب آهي، جنهن تي عمل ڪرائڻ سان انتهاپسندي جي فتني تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي.

صدر چيو ته خوشي آهي ته فتويٰ کي لاڳاپيل رياستي ادارن جي تائيد به حاصل آهي ۽ اهو ئي اتفاق اسان جي ڪاميابي آهي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته گڏيل بيان ڏيڻ تي هو سڀني جو ٿورائتو آهي، اڄ اسان وڏي تبدلي جي مرحلي کان گذري رهيا آهيون.

احسن اقبال چيو ته پيغام پاڪستان اسان کي متحد ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم مُهيا ڪندو،

وفاقي گهرو وزير چيو ته مستقبل جي رخ کي درست دڳ تي آڻڻ لاءِ اسان کي تعليمي انلاقاب جي آجيان ڪرڻي پوندي.

هن چيو ته افسوس آهي ته صنعتي انقلاب اسان جي در تي آهي، اسلامي ملڪن ان کي نه سمجهيو ۽ اولهه جي ملڪن سمجهي ترقي ڪئي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، پنهنجي جانيون قربان ڪندڙ خراج جا مستحق آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*