سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ڪنٽينر سياست تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اڳ ملڪ جي ترقي خلاف ڪنٽينرز ٺاهيا ويا ۽ هاڻ ٽي سياسي ڪزنز گڏجي ملڪ جي آئين خلاف ڪنٽينر ٺاهي رهيا آهن

mariyam oranzab

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ڪنٽينر سياست تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اڳ ملڪ جي ترقي خلاف ڪنٽينرز ٺاهيا ويا ۽ هاڻ ٽي سياسي ڪزنز گڏجي ملڪ جي آئين خلاف ڪنٽينر ٺاهي رهيا آهن.

اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب عمران خان، آصف زرداري ۽ طاهر القادري کي تنقيد جو نشانو بڻايو.

مريم اورنگزيب چيو ته ٽي سياسي ڪزنز اڻڄاتل ماڻهن نجومين ڪي اي بي سي ٽيم ٺاهڻ جي تياري ڪري رهيا آهن، هاڻ انهن کي يقين ٿي ويو آهي ته ملڪ جو عوام کين ووٽ نه ڏيندو.

مملڪتي وزير چيو ته هڪ طرف ملڪ ۾ جڏهن سي پي ٺهي رهيو  هو ۽ دهشتگردي ختم ٿي رهي هئي ته ٻي طرف وري ڪنٽينر ٺهي رهيا هئا.

هن چيو ته اڳ ملڪ جي ترقي لاءِ ڪنٽينر تيار ڪيا ويا ۽ ٽي سياسي ڪزنز گڏجي ملڪ جي آئين خلاف ڪنٽينر ٺاهي رهيا آهن.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته ملڪ ۾  جڏهن ميٽرو ۽ روڊن جو ڄار وڇايو ويو يا وري تاريخي چونڊ سڌارن، يوٿ پروگرام، تعليمي سڌارن ۽ هيلٿ پروگرام جوڙيا پئي ويا، تڏهن به ڪنٽينر ٺاهيا ويا  هئا.

مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي عوام  جي اي ٽيم رڳو نواز ليگ آهي، ڇاڪاڻ ته نواز ليگ نوازشريف جي قيادت ۾ جيڪي به واعدا ڪيا، اهي پورا ڪيا آهن. …………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*