سپريم ڪورٽ وي آءِ پي موومنٽ ۽ کير وڌائڻ لاءِ انجيڪشن وارن معاملن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي

supreme court

سپريم ڪورٽ وي آءِ پي موومنٽ ۽ کير وڌائڻ لاءِ انجيڪشن وارن معاملن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت، وي آءِ پي موومنٽ لاءِ 2 منٽن کان وڌيڪ روڊ بند نه رکڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.

وي آءِ پي موومنٽ ۽ کير وڌائڻ لاءِ انجيڪشن وارن معاملن تي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار پاران ورتل پاڻمرادي نوٽيس ڪيس بابت لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو ويو آهي.

عدالت فيصلي ۾ چيو ته يقيني بڻايو ته روڊ بلاڪ سان ڪنهن جي زندگي کي نقصان نه پهچي ۽ 2 منٽن کان وڌيڪ روڊ بند نه رکيا وڃن.

سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ حڪم ڏنو ته وي آءِ پي موومنٽ دوران اسپتال ويندڙ گاڏين لاءِ ممڪن حد تائين رستا ڪليئر رکيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*