ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ به ٻارڙي سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو آهي

karachi lyari

ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ به ٻارڙي سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

لياري جي هنگورا آباد واري علائقي ۾ رهواسين 10 ورهين جي ٻارڙي عريشا کي مبينا طور حوس جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي سوگهو ڪري مارڪٽ ڪئي، جنهن بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

رهواسين چيو ته جوابدار شڪور دڪان  تي شيءِ وٺڻ لاءِ آيل 10 ورهين جي ٻارڙي عريشا کي حوس جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڪلري ٿاڻي تي مبينا جوابدار کي لاڪپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*