افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ آمريڪي ڊرون حملن جي نتيجي ۾ داعش جا 23 شدت پسند مارجي ويا

afghanistan drawn hamlo

افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ آمريڪي ڊرون حملن جي نتيجي ۾ داعش جا 23 شدت پسند مارجي ويا.

 افغان ميڊيا موجب آمريڪي ڊورن جهازن صوبي ننگر هار ۾ داعش جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ داعش جا 23 شدت پسند مارجي ويا ۽ حملن ۾ ٻين شدت پسندن جي مارجڻ جا اطلاع آهن.

ميڊيا موجب افغان فوجي عملدارن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ضلعي شيرزاد جي علائقي مرڪي ۾ به آمريڪي ڊرون جهازن حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ عثمان ۽ عباس جي نالي سان ٿي آهي.

افغان عملدارن موجب ڊورن حملي ۾ ڪنهن عام شهري يا سڪيورٽي اهلڪار جي مارجڻ جا اطلاع ناهن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*