خيرپور ڀرسان ٺيڙهي باءِ پاس تي خوفناڪ حادثو 57 ڄڻا اجل جو شڪار ڪيترائي زخمي

خيرپور ڀرسان ٺيڙهي باءِ پاس تي هانءُ ڏاريندڙ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت فوت ٿيلن جو انگ 57  ٿي ويو، جڏهن ته 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي آهن.

زخمين ۾ مير ياور، اڪبرزادي، حميده، تشڪيل محمد، نعمان، صاحبزادي، سهراب خان، يونس، آدم شير، سلمه

 حادثي تي صدر پاڪستان، گورنر سنڌ ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران ٻين پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

سوات کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 57 مسافر فوت ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

          امدادي ٽيمن ۽ موٽر وي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي بدنصيب فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍي سول اسپتال پهچايو، جڏهن ته سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

           ايم ايس سول اسپتال ڊاڪٽير جعفر سومرو موجب 21مرد، 17 عورتون، 12 نينگريون ۽ 7 معصوم ٻارڙن جا لاش سول اسپتال آندا ويا آهن، جڏهن ته 15 کان وڌيڪ زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

      اکين ڏٺن شاهدن موجب ڪيترائي مسافر ڇڇريل حالت ۾ بس ۾ ڦاٿل آهن، جن کي ڪڍڻ لاءِ انتظاميا ڪجهه ناهي ڪيو.

ڊي سي خيرپور منور علي مٺياڻي ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته  انتهائي افسوسناڪ حادثو پيش آيو آهي، هنگامي حالتون لاڳو ڪري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

انتظاميا طرفان مسجدن ۽ امام بارگاهن مان اعلان ڪري شهرين کي رت جي عطئي جي اپيل ڪئي وئي آهي.

پوليس موجب موڙ ڪاٽيندي ٽرالر ۽ ڪوچ ۾ آمهون سامهون حادثو پيش آيو آهي ۽ ڪوچ ۾ 80 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا.

خيرپور حادثي تي صدر ممنون حسين گورنر سنڌ ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين پاران ڏک جو اظهار ڪندي امدادي ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*