اسپين ۾500 سال قديم ساليانو ميلو شروع ٿي ويو آهي

spain festival

 اسپين ۾500 سال قديم ساليانو ميلو شروع ٿي ويو آهي، ميلي ۾ گهوڙَي سوارن باهه جي ٻرندڙ شعلن تان گذري فن جو مظاهرو ڪيو.

ميڊرڊ شهر ويجهو  سانَ برٽولوم ۾ ساليانو منفرد ميلو شروع ٿي ويو آهي.

  ميڊيا موجب ميلي دوران گهوڙي سوارن روايت موجب باهه جي شعلن تان گذري فن جو مظاهرو ڪيو.

اهڙي عمل کي جانورن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ مختلف تنظمين تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

 ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ميلي دوران جانورن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا انتطام مڪمل ڪيا ويندا آهن.

 هنن چيو ته هي رسم اسان جي ثقافت جو حصو آهي، اڄ تائين ڪو به جانور يا ان تي سوار ماڻهو زخمي نه ٿيو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*