آمريڪا ۾ هالي ووڊ ٿرلر فلم12 strong جو رنگا رنگ پريميئر ٿيو

12 stron movie premiere

 آمريڪا ۾ هالي ووڊ ٿرلر فلم12 strong  جو رنگا رنگ پريميئر ٿيو، افغان جنگ جي ڪهاڻي تي ٻڌل فلم کي 19 جنوري تي رليز ڪيو ويندو.

 نيويارڪ ۾ پريميئر تقريب جي موقعي تي فلم جي ڪاسٽ ۾ شامل ڪرس هيمس ورٿ ، مائيڪل شينون ۽ ٻيا شريڪ هئا.

 ان موقعي تي هنن فلم جي ڪهاڻي سميت شوٽنگ مهل مسئلن کي بيان ڪيو. ميڊيا موجب هالي ووڊ جي هي منفرد فلم 11 سيپٽمبر  2001 ع ڌاري نيويارڪ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملن بعد افغان جنگ ۾ حصو وٺندڙ 12 آمريڪي فوجين جي ڪهاڻي تي ٻڌل آهي. افغان جنگ مهل آمريڪي فوجين کي پيش ايندڙ حالتن جي به فلم ۾ عڪاسي ڪئي وئي آهي. فلم کي 19 جنوري تي نمائش لاءِ سينيما گهرن ۾ پيش ڪيو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*