اسلام آباد هائيڪورٽ، اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏيڻ واري نيب عدالت جي فيصلي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

islamabad-highi-court

اسلام آباد هائيڪورٽ، اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏيڻ واري نيب عدالت جي فيصلي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي، اسحاق ڊار جي نئين ميڊيڪل رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته لڳي  ٿو ميڊيڪل رپورٽ اسحاق ڊار جي چوڻ تي تيار ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ اسحاق ڊار پاران هڪ درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ ناڻي واري وزير احتساب عدالت طرفان اشتهاري قرار ڏيڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي هئي.

اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل 2 رڪني بينچ اسحاق ڊار جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نيب چيو ته اسحاق ڊار کي فرار ۽ اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي، جنهن سبب سندس درخواست رد ڪئي وڃي.

جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا درخواست گذار واپس ايندو، جنهن تي اسحاق ڊار جي وڪيل ٻڌايو ته ڊاڪٽرن اسحاق ڊار کي سفر ڪرڻ کان روڪيو آهي، جڏهن ته نئين ميڊيڪل رپورٽ به عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.

جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا پاڪستان ۾ سرجي جي سهولت دستياب نه آهي؟ يا وري اسحاق ڊار کي اهڙي ڪا بيماري آهي جو واپس نه اچي سگهي. اڄ ڪلهه ته ايئرايمبولينس به موجود آهي، جنهن ۾ هو اچي سگهي ٿو.

اسحاق ڊار جي وڪيل استدعا ڪئي ته سندس اصيل تي نمائيندي ذڙيعي ٽرائل هلايو وڃي، اسحاق ڊار کي پنهنجي مرضي موجب ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ جو حق آهي.

جسٽس اطهر من الله اسحاق ڊار جي وڪيل جي دليلن تي چيو ته اوهان چوڻ چاهيو ٿا ته اسحاق ڊار کي هتان جي ڊاڪٽرن تي اعتماد نه آهي؟ پاڪستان ۾ به علاج جون بهتر سهولتون موجود آهن.

عدالت چيو ته جيڪڏهن جوابدار واپس آيو ته کيس احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ تائين تحفظ فراهم ڪري سگهون ٿا. گهٽ ۾ گهٽ عدالتي ڪارروائي رڪڻ نه گهرجي. جوابدر جي غير موجودگي ۾ شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جو فائدو نه آهي.

جسٽس اطهر من الله چيو ته جوابدر به هن ڪيس ۾ پنهنجي نيڪ نيتي ثابت ڪري سگهي ٿو.

جسٽس گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏيندي چيو ته ميڊيڪل رپورٽ پڙهي لڳي ٿو ته اها جوابدار جي چوڻ تي تيار ڪئي وئي آهي.

عدالت اسحاق ڊار جي وڪيل جي استدعا کي رد ڪندي اشتهاري قرار ڏيڻ وارو احتساب عدالت جو فيصلو برقرار رکندي درخواست کي خارج ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*