وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قبائلي علائقن جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي

shahid-khaqa-abbasi

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قبائلي علائقن جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده حڪومت فاٽا جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ تمام جلد مسئلا حل ڪيا ويندا.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان فاٽا جي تعلق رکندڙ مسلم ليگ ن جي صدر، نائب صدر ۽ جنرسيڪريٽري وفد جي صورت ۾ ملاقات  ڪئي. وفد جي قيادت مملڪتي وزير غالب خان ڪئي.

ملاقات دوران فاٽا سڌارن، قبائلي علائقن جي تعمير ۽ ترقي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي چيو ته قبائلي علائقن جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده حڪومت نه رڳو فاٽا جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ سنجيده ڪوشش ڪئي پر ان معاملي تي عملي طور ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي.

وزيراعظم چيو ته فاٽا سڌارن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ اهو عمل فاٽا جي عوام جي اميدن موجب مڪمل ٿيندو.

هن چيو ته حڪومت سمجهي ٿي ته فاٽا سڌارن ۽ ضم ڪرڻ واري عمل جو مرحليوار طريقو جوڙيو وڃي ته جئين مسئلا حل ٿي سگهن.

نوازشريف چيو ته حڪومت قبائلي علائقن ۾ به ملڪ جي ٻين حصن جيان تعليم، صحت، ۽ روزگار جا موقعن ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*