تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ عائشه گلالئي چيو آهي ته قادري، عمران ۽ زرداري جي ڌرڻي سبب مال روڊ بلاڪ آهي

Ayesha-Gulalai-26917

تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ عائشه گلالئي چيو آهي ته قادري، عمران ۽  زرداري جي ڌرڻي سبب مال روڊ   بلاڪ آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ڪمشنر هنن کي احتجاج جي اجازت ڪئين ڏني، نوازشريف سان دشمني جي سزا عوام کي ڏني پئي وڃي،

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشه گلالئي چيو ته ڊاڪٽر طاهرالقادري، عمران خان ۽  آصف زرداري جي ڌرڻي سبب مال روڊ   بلاڪ آهي ،جنهن سبب ماڻهو پريشان آهن.

هن چيو ته  سمجه ۾ نٿو اچي ڪمشنر هنن کي احتجاج جي اجازت ڪئين ڏني،

عائشه گلالئي چيو ته نوازشريف سان دشمني جي سزا عوام کي ڏني پئي وڃي، لاهور۾ جيڪو نقصان ٿيندو اهو ڪير ڀريندو،

هن چيو ته قصور واقعي تي احتجاج ڪندڙ عمران خان خانه بدوش ڊيرا ۾ نياڻي جي قتل تي ڇو خاموش آهي؟

تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ چيو ته مفت جون پگهارون کڻندڙ اسمبلين ۾ نٿا اچن،

عائشه گلالئي چيو ته آصف علي زرداري سنڌ ۽ عمران خان ڪي پي ڪي جا  چور آهن، طالبان ۽ هنن ۾ ڪو فرق ناهي، اهي به ڏنڊي جي زور تي مطالبا مڃرائيندا آهن. …………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*