عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته چورن، لٽيرن ۽ ڌاڙيلن خلاف احتجاج جو اڄ پهريون ڏينهن آهي

Shaikh-Rasheed-91217

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته چورن، لٽيرن ۽ ڌاڙيلن خلاف احتجاج جو اڄ پهريون ڏينهن آهي، اهي سمجهن ٿا ته چوري جو کين حق ڏنو ويو آهي، اهي ئي ماڻهو غير ملڪي ايجنڊي تي ادارن جي تذليل ڪري رهيا آهن.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو چيو ته چورن، ڦورن ۽ ڌاڙيلن خلاف اڄ پهريون ڏينهن آهي. انهن ئي ماڻهن 9، 9 ارب پنهنجي ناٺين کي ڪابينا مان ڏياريا.

هن  چيو ته اهي ماڻهو سمجهن ٿا، کين ملڪ ۾ چوري جو حق آهي ۽ اهي ئي ماڻهو غيرملڪي ايجنڊي تي ادارن جي تذليل ڪري رهيا آهن.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته جيتسائين ملڪ کي لٽيندڙ ۽ پاڪ فوج جي تذليل ڪندڙ قانون جي پڪڙ ۾ نه ايندا، تيستائين اسان سڪون سان نه ويهنداسين. ………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*