پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف چيو آهي ته قصور ۾ قتل ڪيل معصوم نينگري زينب جي قاتل کي هر صورت ۾ گرفتار ڪيو ويندو

Shahbaz-Sharif-111017

 پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف چيو آهي ته قصور ۾ قتل ڪيل معصوم نينگري زينب جي قاتل کي هر صورت ۾ گرفتار ڪيو ويندو، ڪيس جي سائنسي بنيادن تي ڪيل جاچ ۾ اهم  اڳڀرائي ٿي آهي، ادارا ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، علائقي واسي قاتل جي گرفتاري لاءِ مدد لاءِ اڳتي اچن.

پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف اوچتو قصورپهتو.

ڊي آءِ جي آفيس ۾ وڏي وزير شهبازشريف جي صدارت هيٺ معصوم نينگري زينب جي قتل واري واقعي بابت اجلاس ٿيو ،  جنهن ۾ پوليس کاتي جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ زينب جي قتل واري واقعي تي غور ويچار ڪيو ويو.

شهبازشريف چيو ته قصور واقعي بعد سمورا ادارا ڀرپور ڪم ڪري رهيا آهن، زينب جي قاتلن کي انجام تائين پهچايو ويندو.

هن چيو ته قاتل کي ڳولڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون، معصوم نينگري جو قاتل ڪنهن به صورت بچي نه سگهندو.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته قاتل کي ڳولڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون.

شهبازشريف چيو ته ڪيس جي سائنسي بنيادن تي ڪيل جاچ ۾ اهم  اڳڀرائي ٿي آهي، ادارا ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، علائقي واسي قاتل جي گرفتاري لاءِ مدد لاءِ اڳتي اچن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*