قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزارت اگاهي ڏني آهي ته سوئيس بئنڪن ۾ لڪائي رکيل غيرقانوني دولت جي مٽاسٽا جي اجازت ڏني وئي آهي

national assembly

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزارت اگاهي ڏني آهي ته سوئيس بئنڪن ۾ لڪائي رکيل غيرقانوني دولت جي مٽاسٽا جي اجازت ڏني وئي آهي، ان تي عمل سوئزرلينڊ جي حڪومت پاران طريقڪار جوڙڻُ کانپوءِ شروع ٿي ويندو.

قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس شروع ٿيڻ شرط پي ٽي آءِ جي مميبر امجد عيل خان ڪورم پورو نه هئڻ يج نشاندهي ڪرائي، جنهن تي اسپيڪر ڪورم پورو ٿيڻ تائين اجلاس جي ڪارروائي معطل ڪري ڇڏي.

سوالن جوابن جي وقفي دوران ناڻي واري وزير آگاهي ڏني ته سوئس بئنڪن ۾ لڪالي رکيل غيرقانوني دولت جي ڏي وٺ بابت اجازت ڏني وئي آهي، جنهن بابت گذريل مارچ ۾ سوئزرلينڊ سان ٺاهه ڪيو ويو هو.

ناڻي واري وزير چيو ته سوئزرلينڊ طرفان ملڪي طريقيڪار طئي ڪرڻ کانپوءِ ٺاهه عمل ۾ ايندو.

گهرو وزير اعتراف ڪندي چيو ته موجوده حڪومتي دور ۾ اسلام آباد جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ هڪ به اسپتال يا بنيادي صحت مرڪز قائم ناهي ڪيو ويو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*