ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو، سجاول تعلقي اسپتال جي دوري دوران مريضن طرفان اسپتال ۾ صفائي

sajawal judge chapo

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو، سجاول تعلقي اسپتال جي دوري دوران مريضن طرفان اسپتال ۾ صفائي، دوائون ۽ علاج واريون ٻيون سهولتون نه ملڻ جي شڪايتن تي ڪارروائي ڪري اسپتال انتطاميا کي طلب ڪري ورتوآهي، جڏهن ته وارڊز جي معائني دوران وارڊ ۾ ٻليون گهمندي ڏسي سيشن جج  اسپتال انتظاميا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو عبدالنعيم ميمڻ سجاول تعلقي اسپتال جو اوچتو دورو ڪري وارڊز جو معائنو ڪيو ۽ مريضن کان سهولتن بابت معلومات حاصل ڪئي.

دوري دوران مريضن اسپتال ۾صفائي، دوائون ۽ علاج جون ٻيون سهولتون نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون .

وارڊز جي معائني دوران وارڊ ۾ ٻليون گهمندي ڏسي سيشن جج  اسپتال انتظاميا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

مريضن جي شڪايتن تي جج عبد النعيم ميمڻ اسپتال جو انتظام هلائيندڙ اين جي ا و  مرف  انچارج اشفاق جعفراڻي ۽ ايم ايس آفتاب شاهه کي سڀاڻي عدالت ۾طلب  ڪري ورتو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*