ڪراچي جي اي ٽي سي ۾ دهشتگردن کي سهولت فراهم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي

ATC Karachi

ڪراچي جي اي ٽي سي ۾ دهشتگردن کي سهولت فراهم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي، عدالت جاچ آفيسر پاران تصديق ٿيل جي آءِ ٽي کي عدالت جو حصو بڻائي ڇڏيو،گذريل ٻڌڻي تي عدالت رپورٽ کي تصديق ٿيل نه هئڻ تي رد ڪري ڇڏيو هو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو رکڻ سميت دهشتگردن کي سهولت فراهم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جوابدار عثمان معظم، عبدالرحمان، صديق،  ڊاڪٽر اڪرم ۽ وحيد کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر پاران تصديق ٿيل رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن کي عدالت پنهنجو حصو بڻائي ڇڏيو.

گذريل ٻڌڻي تي عدالت رپورٽ تصديق ٿيل نه هئڻ ڪري رد ڪرڻ بعد گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪيا هئا.

واضح رهي ته ڪيس ۾ جوابدار سعد صديقي عرف طارق، حمزه، سما، صبيحه، اسامه سهيل۽ ٻيا مفرور بڻيل آهن، جن جا تاحيات گرفتاري وارنٽ جاري ڪيل آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*