شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي وي سي پروفيسرن کان پٽيوالي تائين 350 ملازمن جون پگھارون بند ڪري ڇڏيون

larkana-Map05-8

شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي وي سي پروفيسرن کان پٽيوالي تائين 350 ملازمن جون پگھارون بند ڪري ڇڏيون، ملازمن پاران سومر کان احتجاج جو اعلان ڪيو ويو.

يونيورسٽي جي پروفيسرن ۽ ٻين ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف ايڪشن ڪميٽي ٺاهي وئي، هنن چيو ته ايندڙ سومر کان احتجاج شروع ڪيو ويندو.

هنن چيو ته وي سي پاران يونيورسٽي جي ملازمن جون پگهارون بند ڪرڻ وڏي ناافصافي آهي، ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

هنن چيو ته جيستائين اسان کي پگهارون نه ڏنيون وينديون، تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*