پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان ۽ امريڪا ۾ سهڪار جي حوالي سان رابطا جاري آهن

dr faisal pardehi tarjuman

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان ۽ امريڪا ۾ سهڪار جي حوالي سان رابطا جاري آهن، پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي جو عزم رکي ٿو، افغانستان جي 43 سيڪڙو علائقي تي داعش جو قبضو آهي، چين جا پاڪستان سان پراڻا دوستي وارا لاڳاپا آهن. ڪجهه اڻوڻندڙ واقعن جي بنياد تي چيني شهرين تي پابندي نٿا لڳائي سگهون،

چيني شهرين جي اي ٽي ايم اسڪينڊل ۾ ملوث واري معاملي تي بريفنگ ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن،  ڪجهه اڻ وڻندڙ واقعن جي بنياد تي چيني شهرين تي پابندي نٿي لڳائي سگهجي.

هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي،

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته  افغانستان جي 43 سيڪڙو علائقن تي داعش ۽ دهشتگردن جو قبضو آهي.

هن چيو ته تحريڪ طلابان ۽ جماعت الاحرار افغان سرزمين کان پاڪستان کي نشانو بڻائي رهيا آهن.

ترجمان چيوته افغانستان ۾ پروفيشنلز جي اغوا ۽ جاسوسي تي مجبور ڪرڻ افسوسناڪ آهي.

هن چيو ته آمريڪا پاڪستان آمريڪا سان انٽيلي جنس جي بنياد شيئرنگ سميت ٻين معاملن تي سهڪار معطل ناهي ڪيو.

ڊاڪٽر فيصل چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ  ۾ سهڪار جي حوالي سان رابطا جاري آهن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*