سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پارليامينٽ جي بي حرمتي تقدس کي پائمال ڪيو ويو آهي

sherry rehman

سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پارليامينٽ جي بي حرمتي تقدس کي پائمال ڪيو  ويو آهي. عمران خان پنهنجي رويي ۽ لفظن تي نظرثاني ڪري، پارليامان کي غير فعال بڻائڻ ۾ هن حڪومت جو وڏو هٿ آهي،

قومي اسيمبلي جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر شيري رحمان چيو ته پارليامينٽ جي تقدص کي پائمال ڪيو ويو ۽ بي حرمتي ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته پارليامينٽ خلاف اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ سان ووٽ جو تقدص به پائمال ٿئي ٿو.

سينيٽر چيو ته سڄي دنيا ۾ پارليامينٽ کي جمهوريت جي ريڙهه جي هڏي سمجهيو وڃي ٿو،

هن چيو ته رڳو حڪومت پارليامينٽ جي نمائندا نه هوندي آهي پر اسين سڀ پارليامينٽ جا نمائندا  هوندا آهيون.

هن  چيو ته عمران خان پنهنجي رويي ۽ لفظن تي نظرثاني ڪري،

شيري رحمان چيو ته پارليامان کي غير فعال بڻائڻ ۾ هن حڪومت جو وڏو هٿ آهي،

هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ وزيراعظم روز پارليامينٽ ۾ حاضر ٿيندو هو، جڏهن کا اوهان چونڊجي آيا آهيون، ايوان ۾ نه آيا آهيو.

عمران خان کي مخالطب ٿيندي شيري رحمان چيو ته سڀني کان اڳ اوهان کي جواب ڏيڻ گهرجي، جلسن ۾ اوهان ضرور ڳالهايو پر پاليامينٽ جي تقدص کي پائمال نه ڪريو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*