شهيد فاضل راهو جي فرزند فياض راهو شهيد فاضل جي ورسي جي موقعي تي کيس بلاول ڀٽو زرداري جي گارڊن طرفان اسٽيج تي وڃڻ کان روڪڻ واري عمل کي نامناسب واقعو ڪوٺيندي چيو آهي

fazal rao

شهيد فاضل راهو جي  فرزند فياض راهو شهيد فاضل جي ورسي جي موقعي تي کيس بلاول ڀٽو زرداري جي گارڊن طرفان اسٽيج تي وڃڻ کان روڪڻ واري عمل کي نامناسب واقعو ڪوٺيندي چيو آهي ته گارڊن جي عمل سان تمام گهڻو ڏک رسيو، پر شهيد جي ورسي هئي، ان ڪري خاموش رهيس.

 فياض راهو ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته مون شهيد فاضل جي ورسي تقريب ۾اسٽيج تي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته بلاول ڀٽو زرداري جي گارڊن مون کي اسٽيج تي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو.

هن وڌيڪ چيو ته مون گارڊن کي آگاهه ڪيو ته آئون شهيد فاضل راهو جو پٽ آهيان، پرگارڊن منهنجي هڪ به نه ٻڌي ۽ مون کي اسٽيج تي وڃڻ نه ڏنو.

هن وڌيڪ چيو ته تمام گهڻو ڏک رسيو ، پرشهيد جي ورسي هئڻ جي ڪري خاموش رهيس…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*