باڊھه ويجهو ڪراچي کان پنجاب ويندڙ پارڪو تيل پائيپ لائين مان جوابدارن تيل چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

badah oil chori

باڊھه ويجهو ڪراچي کان پنجاب ويندڙ پارڪو تيل پائيپ لائين مان جوابدارن تيل چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس ڪارروائي ڪري هڪ شڪي کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار نوجوان جي وارثن پوليس جي ززيادتين خلاف احتجاج ڪيو آهي.

موندر واهه وٽ جوابدار پائيپ لائين جا ڪلپس کولي تيل چوري ڪري رهيا هئا ته پارڪو جي گشتي ٽيم پهچي وئي، جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويا.

اطلاع تي باڊھه پوليس کوجي ڪتن جي مدد سان جوابدارن جا پيرا کڻي ڳوٺ محمد پريل ابڙو ۾ هڪ اوطاق تي هنيا، جتان شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻي اظھار ابڙو کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

نوجوان جي گرفتاري خلاف سندس وارث عورتن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙ عورتن چيو ته باڊھه پوليس نوجوان اظهار ابڙو کي بيگناهه گرفتار ڪيو آھي.

 هنن ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي آزاد ڪري انصاف فراهم ڪيو  وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*