تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته حديبيا پيپرز ملز جي اڪائونٽس مان اربين رپيا دبئي ۾ نوازشريف جي پٽن جي ڪمپنين فليگ شپ

imran khan

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته حديبيا پيپرز ملز جي اڪائونٽس مان اربين رپيا دبئي ۾ نوازشريف جي پٽن جي ڪمپنين فليگ شپ، هل ميٽل ۽ ايف زيڊ اي جي اڪائونٽس ۾ ويندا هئا،  شهباز شريف جي رمضان شگر ملز جي اڪائونٽس ۾  سوا 3 ارب رپيا منتقل ٿيا، پارليامينٽ جو احترام ميمبرز جي ڪردار سان ٿيندو آهي، .

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته پارليامينٽ خلاف ڳالهايل لفظ تمام ننڍو آهي، مون جيڪو لفظ استعمال ڪيو اهو گهٽ آهي.

هن چيو ته مون اهي لفظ ان ڪري استعمال ڪيا جو پارليامينٽ ملڪ کي لٽيندڙن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪئي،

هن چيو ته 1992 کانپوءِ شريف ڪٽنب جي ملڪيت ۾ واڌ ٿي، شريف ڀائرنگ پنجاب پوليس جي اهلڪارن کان به مني لاڊرنگ ڪرائي،

عمران خان چيو ته ملڪ کان ٻاهر شريف ڪٽنب جون 16ڪمپنيون آهن، جن مان هڪ هل ميٽل آهي، جنهن جي ذريعي 114 ڪروڙ 68 لک رپيا نوازشريف موڪلي چڪي هو،

هن چيو ته نوازشريف 80 ڪروڙ رپيا مريم نواز جي نانءُ ڪيا، هل ميٽل ڪمپني مان لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ رپيا محمد حنيف خان ڏانهن ٽرانسفر ڪيا ويا هئا،

عمران خان چيو ته قومي اسيمبلي ۾ وڏي دهونهيدار تقرير ڪندڙ  خواجا آصف جهڙن ماڻهن اسيمبلي کي تباهه ڪيو آهي،

تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته حديبيا پيپرز ملز جي اڪائونٽس مان اربين رپيا دبئي ۾ نوازشريف جي پٽن جي ڪمپنين فليگ شپ، هل ميٽل ۽ ايف زيڊ اي جي اڪائونٽس ۾ ويندا هئا،

عمران خان چيو ته پارليامينٽ جو احترام ميمبرز جي ڪردار سان ٿيندو آهي، جنهن پارليامينٽ ۾ وزيراعظم ڪوڙ ڳالهائي ان جو ڪهڙواحترام ٿيندو،استعيفائن بابت اڃا ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*