انڊر 19ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد سري لنڪن ٽيم کي ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي

pak under 19 cricket

انڊر 19ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد سري لنڪن ٽيم کي ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

نيوزيلينڊ جي شهر واهنگري ۾پاڪستان انڊر نائنٽين ٽِيم جي ڪپتان حسن خان ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

سري لنڪن ٽيم 48 ڏهائي 2 اوورس ۾ 188رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي،جنهن۾ ڊينئيل 53۽بانڊارا 37رنز جي اننگ کيڏي.

قومي اندڙ نائنٽين ٽيم پاران سليمان شفقت 3،شاهين شاهه آفريدي 2،جڏهن ته محمد زيد، حسن خان ۽ ارشد اقبال هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

 پاڪستان جي ٽيم گهربل اسڪور 43ڏهائي 3 اوورس۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ڪاميابي حاصل ڪري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

پاڪستاني ٽيم پاران الڳ زرياب آصف 59، محمد زيد عالم 28،جڏهن ته محمد طحه ۽ڪپتان حسن خان 24-24رنز جي اننگ کيڏي.

سري لنڪن ٽيم پاران راشميڪا 3وڪيٽون حاصل ڪيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*