قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻُو ڪپتان ۽ نالي وارو آلرائونڊر شعيب ملڪ زخمي ٿيڻ بعد نيوزيلينڊ خلاف آخري ون ڊي مان ٻاهر ۽ ٻن ٽي-ٽوئنٽي ميچز ۾ نمائندگي نه ڪري سگهندو

Shoaib-Malik

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻُو ڪپتان ۽ نالي وارو آلرائونڊر شعيب ملڪ زخمي ٿيڻ بعد نيوزيلينڊ خلاف آخري ون ڊي مان ٻاهر ۽ ٻن ٽي-ٽوئنٽي ميچز ۾ نمائندگي نه ڪري سگهندو.

نيوزيلينڊ خلاف کيڏي ويل چوٿين ون ڊي ميچ جي پاڪستاني اننگ جي 32هين اوور۾ تيزي سان رنز وٺندي ميزبان ملڪ جي ڪولن منرو جو ٿرو شعيب ملڪ جي مٿي جي پوئين حصي ۾ لڳو هو.

شعيب ملڪ بال لڳڻ بعد گرائونڊ ۾ ڪري پيو ،پر هن بيٽنگ جاري رکي 6رنز اسڪور ڪرڻ بعد آئوٽ ٿي  ويو.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فزيو ٿراپسٽ ويب سنگهه مطابق هملٽن ۾ ميچ دوران زخمي ٿيندڙ شعيب ملڪ جي زخمي ۾ بهتري اچي رهي آهي، پر هو مڪمل طور تي فٽ نه هجڻ سبب پنجين ميچ ۾ ٽِيم جو حصو نه ٿي سگهيو.

شعيب ملڪ جي جاءِ تي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيل عمر امين ٽي-ٽوئنٽي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ ۾ موجود آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*