انگلش آلرائونڊر بين اسٽوڪس جي ڪرڪيٽ ميدانن ۾ واپسي جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو آهي

ben stokes

انگلش آلرائونڊر بين اسٽوڪس جي ڪرڪيٽ ميدانن ۾ واپسي جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو آهي،کيس ڪلب ۾ جهيڙو ڪرڻ واري واقعي ۾ برسٽل عدالت 13فيبروري تي طلب ڪري ورتو آهي.

اتفاق سان انهي ڏينهن تي کيس نيوزيلينڊ خلاف ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾قدم رکڻو هو.

انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پهرين ئي اعلان ڪري ڇڏيو هو ته ٽي ملڪي ٽي-ٽوئنٽي ڪپ جنهن ۾ ٽين ٽيم آسٽريليا جي هوندي ۽ هو پهرين ميچ نه کيڏندو.

هاڻي بين اسٽوڪس جي عدالت ۾ پيشي لاءِ 13 فيبروري تي نيوزيلينڊ نه پر انگلينڊ پهچڻو پوندو.

ان کان پهرين گذريل آسٽريليا ۾ انگلش ٽيم جي ڪوچ بين اسٽوڪس جي واپسي کي ٽيم لاءِ بهتر قدم چيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*