وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪي اسپتالون پ پ پ طرز تي عمل ڪري رهيون آهن، اهي سٺا نتيجا ڏئي رهيون آهن

murad ali shah

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪي اسپتالون پ پ پ طرز تي عمل ڪري رهيون آهن، اهي سٺا نتيجا ڏئي رهيون آهن، جنهن کي هر صورت ۾ جاري رکيو ويندو.

وڏي وزير جي صدارت هيٺ صحت کاتي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کاتي جي ڪارڪردگي، ڊاڪٽرن جي مقرري، اي ڊي پي ۽ پبلڪ-پرائيوٽ طرز جي منصوبن ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس دوارن آگاهي ڏني وئي ته نيشنل بلڊ ٽرانسفيوزن سروس تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته بدين ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال جي عمارت تيار ڪري انڊس اسپتال انتظاميا حوالي ڪئي وئي آهي.

وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته 253 ڏهائي 477 ملين رپيا جاري ڪيا ويندا، جن مان اسپتالن لاءِ 149 ڏهائي 816 ملين رپين جو سازو سامان ۽ فرنيچر خريد ڪيو ويو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته پ پ پ طرز تي ڪم ڪندڙ اسپتالون سٺا نتيجا ڏئي رهيون آهن، جنهن کي هر صورت ۾ جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*