نيب، وفاقي ۽ چئني صوبائي حڪومتن کان 5 هزار ارب رپين جي ٺيڪن جو 28 جنوري تائين حساب گهري ورتو آهي

NAB-13716

نيب، وفاقي ۽ چئني صوبائي حڪومتن کان 5 هزار ارب رپين جي ٺيڪن جو 28 جنوري تائين حساب گهري ورتو آهي، نيب پاران اماڻيل خط ڪي ٽي اين نيوز حاصل ڪري ورتو آهي.

نيب، وفاقي ۽ چئني صوبائي حڪومتن کي خط لکي 5 هزار ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي ٺيڪن، اشتهارن ۽ اهليت بابت رڪارڊ طلب ڪيو آهي.

نيب خط ۾ چيو آهي ته لاهور ميٽرو، ايل اين جي، پاور پلانٽس، موٽر ويز، او جي ڊي سي ايل، ماڙي پيٽروليم ۽ پي پي ايل جو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي.

نيب، وفاقي سرڪار کان نيپرا، پيمرا ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپنين جو 28 جنوري تائين رڪارڊ گهريو آهي.

نيب، 42 سوالن تي مشتمل سوالنامو به وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي اماڻيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*