چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ڪٽاس راج مندر جي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ٻيا ڀلي ڪجهه به چون پر پارليامينٽ اسان جو سپريم ادارو آهي

supreme court

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ڪٽاس راج مندر جي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو  آهي ته ٻيا ڀلي ڪجهه به چون پر پارليامينٽ اسان جو سپريم ادارو آهي، مندر جو تلاءُ لاڳيتو ڀريل هئڻ گهرجي، اسان پارليامينٽ جي عزت ڪندا آهيون، ٻيا به ان جو احترام ڪن.صحت تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

سپريم ڪورٽ ۾ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪٽاس راج مندڙ جي پاڻمرادي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

لاڳاپيل انتظاميا طرفان ڪٽاس راج جي تلاءُ کي اٺ فٽ کان وڌيڪ ڀرڻ واري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي.

چيف جسٽس ريماڪس ڏيندي چيو ته تلاءُ کي پاڻي سان لاڳيتو ڀريل هئڻ گهرجي، سک ۽ عيسائي برادري جي مسئلن کي به حل ڪنداسين.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان پارليامينٽ جي عزت ڪندا آهيون، ٻيا ڀلي ڪجهه به چون پر اسان جي پارليامينٽ سپريم ادارو آهي.

ٻڌڻي دوران عدالت متورڪه وقف املاڪ جي چيئرمين صديق الفاروق جي غيرحاضري ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته صديق الفاروق هر پيشي تي حاضر ٿيڻ جو چيو هو پر هو ڇو نه آيو؟ خدا جي واسطي متروڪه وقف املاڪ جو نقصان نه ڪيو وڃي.

چيف جسٽس چيو ته هتي ويهي اکيون کليل رکڻيون پونديون آهن، سياسي بنيادن تي نوازڻ واري سلسلي جو خاتمو اچڻ گهرجي. جتي ادارا ڪجهه به ڪندا، اسان ان جو نوٽيس وٺنداسين پوءِ ان اختيارن جي ڳالهه نه ڪئي وڃي.

عدالت چيو ته چڪوال کان سمورو لائم اسٽون ڀارت موڪليو پيو وڃي ڪٽاس مندر ۾ شري هنو مان جون مورتيون نه آهن،

چيف جسٽس صدق الفاروق کان تفصل طلب ڪندي چيو ته هن عهدي تي ويهي هر شخص کي قانوني شيون به ڏسڻيون پونديون آهن پر پارٽي سيڪريٽريٽ  ۾ اخبارون گڏ ڪندڙ شخص کي اهم عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته صديق الفاروق 30 سال سياسي خدمت ڪئي آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي مٿس قانوني نقطي تي پيراگراف لکندس.

چيف جسٽس ثاقب نثار ريماڪرس ڏيندي چيو ته صحت واري معاملي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، جنهن کي هڙتال ڪرڻي آهي، ڀلي ڪري.

عدالت چيو ته سي پيڪ ۽ ٻيا ترقياتي منصوبا هلي رهيا آهن، ملڪ ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ سيمنيٽ جي ضرورت آهي،  جنهن سبب بيڪٽريون بند ڪري کنڊ جهڙو بحران پيدا نٿا ڪرڻ چاهيون.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته الزام لڳايو پيو وڃي ته عوامي مفادن بابت کنيل قدمن کان پوءِ عام ڪيس نه هلي رهيا آهن،

جسٽس ثاقب نثار چيو ته آچر ڏهاڙي به عدالت ۾ ڪارروائي ڪرڻ تي ڪراچي ۾ منهنجي وڏي مخالفت ٿي.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 ڏينهن تائين ملتوي ڪندي صديق الفاروق کان رپورٽ طلب ڪري ورتي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*