قومي اسيمبلي ڪراچي ۾ مبينا مقابلي ۾ نوجوان نقيب الله محسود جي قتل واري معاملي جي رپورٽ طلب ڪندي قصور جي زينب سميت ملڪ ۾ ٻارڙين سان زيادتين وارن معاملن جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي

National-Assembly-3816

قومي اسيمبلي ڪراچي ۾ مبينا مقابلي ۾ نوجوان نقيب الله محسود جي قتل واري معاملي جي رپورٽ طلب ڪندي قصور جي زينب سميت ملڪ ۾ ٻارڙين سان زيادتين وارن معاملن جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن دوران پارلياماني معاملن بابت وزير شيخ آفتاب ڪميٽي جوڙڻ لاءِ رٿ پيش ڪئي.

قومي اسيمبلي زينب سميت ٻارڙن سان زيادتي وارن واقعن تي خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي منطوري ڏني، جنهن ۾ سمورين جماعتن جا اڳواڻ شامل هوندا. 

خاص ڪميٽي 30 ڏينهن اندر ٻارڙن سان زيادتي ۽ قتل جي واقعن جي  روڪ ٿام جي تجويزون ڏنيون ووين.

ڪميٽي ۾ طلال چوڌري، مريم اورنگزيب، شائسته پرويز، زاهد حامد، شاهده اختر علي، رومينا خورشيد، عذرا افضل پيچوهو، ڪشور زهرا، علي حمد خان ۽ ٻيا شامل هوندا.

اجلاس ۾ فاٽا جي ميمبر حاجي شاهه گل آفريدي نقيب الله معاملو اٿاريو.

شاهه جي گل آفريدي چيو ته گذريل هڪ سال کان ڪراچي ۾ قبائلين سان واقعن جا تفصيل ڏنا وڃن. جڏهن ته ڪراچي ۾ جيڪي به ماڻهو گم ٿيا آهن، انهن جا به تفصيل پيش ڪيا وڃن.

شاهه جي گل آفريدي جي مطالبي بعد اسپيڪر ڪراچي ۾ پوليس جي هٿان قتل ٿيل نوجوان نقيب الله جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر انساني حقن واري وزير کي ايندڙ هفتي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

اسپيڪر چيو ته نقيب الله جي رپورٽ سان گڏ گم ٿيل ماڻهن جا تفيصل به پيش ڪيا وڃن.

جمال الدين چيو ته نقيب الله محسود جو قاتل رائو انوار آهي، کيس ڦاهي ڏني وڃي.

نويد قمر چيو ته سنڌ حڪومت ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ اچڻ بعد معاملو واضح ٿي ويندو، جنهن سبب رپورٽ اچڻ تائين انتظار ڪيو وڃي.

توانائي ڊويزن واري وزير  لکت ۾ جواب جمع  ڪرائيندي چيو ته قومي گرڊ سسٽ۾ پيدا ٿيندڙ بجلي کي ورهائندڙ ڪمپنيون ڊسڪوز ذريعي صارفين کي فراهم ڪنديون آهن.

توانائي ڊويزن موجب، ڊسڪوز جو ڪافي حصو لوڊشيڊنگ بنا 2016 ۾ حقيقي لوڊ جي گهرج تي ٻڌل آهي.

هن چيو ته پيداواري توانائي کي قومي گرڊ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، جنهن سبب لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي.

توانائي ڊويز موجب، پاڪستان مختلف بين الاقوامي ۽ علائقائي معاهدن جي منظوري ۽ صحيح ڪئي آهي…….

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*