ميرپور بٺوري ۾ بدامني خلاف جسلف طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري سجاول روڊ تي ڌرڻو هنيوويو

mp bathoro badamni khlaf muzhiro

ميرپور بٺوري ۾ بدامني خلاف جسلف طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري سجاول روڊ تي ڌرڻو هنيوويو.

جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي چئرمين نوازخان زئور ، قادر بخش زئور ، عامر ميمڻ،  ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مظاهرو ڪري مين اسٽاپ وٽ سجاول – حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شھر ۾ ھڪ ھفتي دوران چار دڪانن کي کاٽ ھڻي لکين رپين جي چوري ڪئي وئي آهي.

هنن چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾بدامني باوجود ميرپوربٺورو پوليس چورن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي.

هنن چيو ته چورن کي گرفتار ڪري چوريون واپس  ڪرايون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 ھُوڏانھن ڊي ايس پي ميرپور بٺورو فاروق نظاماڻي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي اڳواڻن سان ڳالھيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*