قومي ڪرڪيٽ ٽيم يو اي اي جي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد شڪست ڏئي ڇڏي

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي پول بي جي اهم ميچ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا بيٽسمين فارم ۾ اچي ويا، جنهن بعد ٽيم مقرره 50 اوورس ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 339رنز اسڪور ڪري يو اي ايِ جي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

نيوزيلينڊ جي شهر نيپيئر ۾ کيڏي ويل ميگا ايونٽ جي 25 هين ميچ ۾يو اي ايِ جي ٽيم جي ڪپتان محمد توقير ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،جيڪو غلط ثابت ٿيو.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپنر ناصر جمشيد مسلسل ٽين ميچ ۾ ناڪام ٿيو ۽ صرف چار رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيو.

ناصر جمشيد جي آئوٽ ٿيڻ بعد احمد شهزاد ۽ حارث سهيل بهترين بيٽنگ جومظاهرڪندي وڪيٽ جي چوڌاري شاندار اسٽروڪس جو مظاهرو ڪيو.

احمد شهزاد 93 ۽حارث سهيل 70 رنز اننگ کيڏي آئوٽ ٿيا، جنهن بعد ڪپتان مصباح الحق 65 ۽ صهيب مقصود 45 ۽ عمر اڪمل 19ر نز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيا.

شاهد آفريدي 21رنز وهاب رياض 6 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.

شاهد آفريدي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 8 هزار رنز مڪمل ڪري ورتيون آهن۽ اهڙي طرح هو چوٿون پاڪستاني بيٽسمين ٿيو آهي،جنهن اهو اعزاز حاصل ڪيو آهي.

پاڪستان پاران انضمام الحق 11هزار 701رنز ،محمد يوسف 9 هزار 554رنز ۽سعيد انور 8 هزار 8 24رنز اسڪور ڪيون آهن.

يو اي ايِ جي ٽيم پاران گروجي 56رنز ڏئي چار ۽محمد نويد هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

يو اي ايِ جي ٽيم پاڪستان جي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 340 رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم

يو اي ايِ جي ٽيم پاران شيمان انوربٽ 62،خرم خان 43 جي اننگ کيڏي نمايابيٽسمين رهيا.

قومي ٽيم پاران سهيل خان ۽شاهد آفريدي ٻه-ٻه ،جڏهن ته راحت علي ۽صهيب مقصود هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

احمد شهزاد کي بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويوآهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*