لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو

larkana population khato ahtjaj

 لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو .

              ملازمن پيرل دايو ۽ عبدالمعيد سرهيو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

              احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪيترائي سال گذرڻ باوجود حڪومت ڪچن ملازمن کي پڪو نه ڪري رهي آهي.

              هنن چيو ته پاپوليشن کاتي جي سينئر ملازمن کي ٽائيم ڏئي ترقيون ڏنيون وڃن.

             هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪچن ملازمن کي پڪو ڪري ترقيون ڏيڻ سان گڏ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*