ميهڙ ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ برهان چانڊيو تي قتل ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف مختلف شهرن ۾ چانڊيا برادري ۽ سياسي ڌرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

qambar

ميهڙ ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ برهان چانڊيو تي قتل ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف مختلف شهرن ۾ چانڊيا برادري ۽ سياسي ڌرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

قمبر ۾ شعبان شيخ، پنهل سومرو ۽ مجيب تنيو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ۽ چانڊيا برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شهدادڪوٽ ۾ چانڊيا برادري پاران جاويد چانڊيو، عبدالحق ۽ دلدار چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

وارهه ۾ رياض الدين ابڙو، رحيم بخش ٻگهيو ۽  غلام عباس ڇٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته  ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ برهان جو ميهڙ واقعي سان ڪو به تعلق ناهي، سياسي بنيادن تي ٻنهي ڀائرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ برهان چانڊيو تي داخل ڪيس ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*