ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته پارليامينٽ کي گاريون ڏيندڙ ڄڻ پاڻ کي گاريون ڏئي رهيا آهن، پارليامينٽ ملڪ جو سپريم ادارو آهي

khuwaja saad

ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته پارليامينٽ کي گاريون ڏيندڙ ڄڻ پاڻ کي گاريون ڏئي رهيا آهن، پارليامينٽ ملڪ جو سپريم ادارو آهي.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته پارليامينٽ کي گاريون ڏيندڙ جي عقل تي ماتم ڪري سگهجي ٿو.

هن چيو ته 31 جنوري کان پهرين ڪير به استعيفيٰ نه ڏيندو، جنهن کي استعيفيٰ ڏيڻي آهي، 31 جنوري کانپوءِ ڏئي سگهي ٿو.

خواجا سعد رفيق چيو ته اسان سڀني رياستي ادارن جي عزت ڪندا آهيون، ريلوي کاتو خساري کي منهن ڏئي رهي آهي.

هن چيو ته ڪوهاٽ ۽ راولپنڊي وچ ۾ ٽرين هلائي ويندي، عوام جو ريلوي تي اعتماد بحال ٿي چڪو آهي، کين وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

خواجا سعد رفيق چيو ته ريلوي ۾ اپگريڊيشن جو ڪم پنهنجي آمدني تي ٿي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*