اوٻاوڙو شوگر مل انتظاميا جي پٺ ڀرائي ڪندڙ ڊي سي گهوٽڪي خلاف وڪيلن عدالتي بائيڪاٽ ڪري مظاهرو ڪيو

ubaro

اوٻاوڙو شوگر مل انتظاميا جي پٺ ڀرائي ڪندڙ ڊي سي گهوٽڪي خلاف وڪيلن عدالتي بائيڪاٽ ڪري مظاهرو ڪيو.

سينيئر وڪيل ڄام عبدالفتاح، طارق پنهور، چوڌري شاهد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي اعجاز شاهه خلاف عدالتي بائيڪاٽ ڪري سول سيشن ڪورٽ کان ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي وڪيلن چيو ته اوٻاوڙو ۾ شوگر ملون قومي شاهراهه جي وچ تي موجود آهن،  جنهن سبب ڪمند جون ٽراليون روڊ  تي بيهڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهي، هن وقت تائين 30 کان وڌيڪ انسانيون جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

هنن چيو ته   ڊي سي گهوٽڪي   لوڊ ٽراليون هٽرائڻ بجاءِ  شگر ملز مالڪن جي ڌر بڻجي وڪيلن ۽ علائقي واسين مٿان ڏمرجي پيو آهي.

هنن سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته ڊي سي ۽ شوگر ملز مالڪن خلاف نوٽيس وٺي  ڪارروائي ڪئي وڃِي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*