ٺل ۾ اي سيڪشن پوليس جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

thul1

ٺل ۾ اي سيڪشن پوليس جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ الله ڏتو ٻرڙو جي رهواسين نهال ٻرڙو، مسمات روزينه، رفيق احمد، عبدالقدير، روشن ۽ ٻين جي اڳواڻِي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته ايس ايڇ او پوليس ساڻ ڪري گهرن تي بناجواز  چڙهائي ڪئي آهي.

هنن چيو ته اسان جي گهرن مان ڪپڙا، سولر پليٽون، بيٽريون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي وئي آهي، ۽ هاڻي ايس ايڇ او ڳري رشوت طلب ڪري رهيو آهي.

هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي، پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*