حب جي ڄام غلام قادر اسٽيڊيم ۾ اڄ پيپلزپارٽي عوامي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي

hub pp jalso

حب جي ڄام غلام قادر اسٽيڊيم ۾ اڄ پيپلزپارٽي عوامي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي، پ  پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا.

جلسي سلسلي اسٽيڊيم ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ڪرسيون رکيون ويون آهن، جڏهن ته ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.

جلسي جي سڪيورٽي طور 1500 کان وڌيڪ پوليس ۽ ايف سي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

جلسي ۾ 120 فوٽ ڊگهو اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي، جتي 100 کان وڌيڪ اڳواڻ ويهي سگهندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*