سکر ۾ 18 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل وڪيل عاقب ڊومڪي جي بازيابي لاءِ وڪيلن پاران احتجاج ڪيو ويو

sukkur wakeel

سکر ۾ 18 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل وڪيل عاقب ڊومڪي جي بازيابي لاءِ وڪيلن پاران احتجاج ڪيو ويو.

وڪيلن قربان ملاڻو، شبير دايو، قربان ڪلوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻِي  ۾ مينار روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي وڪيلن چيو ته پوليس 18 ڏينهن گذرڻ بعد  وڪيل عاقب ڊومڪي جي بازياب لاءِ ڪو به قدم نه کنيو آهي، جنهن سبب گهر وارا سخت پريشان آهن.

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پوليس مغوي جي بازيابي لاءِ ڪو قدم نه کنيو ته سومر جي ڏينهن تي ڊي آءِ جي آفيس جو گهيراءُ ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*